حـفيـظ ڪـاردار

حـفيـظ ڪـاردار

حفيظ ڪاردار

حـفيـظ ڪـاردار: پـاڪـسـتان ڪـرڪيـٽ ٽـيـم جـي اڳـوڻـي ڪـپـتـان، آل رائونڊر حفيظ ڪاردار 17 جنوري 1925ع تي لاهور ۾ جنم ورتو. هن جو اصل نالو عبدالحفيظ هو. شروعاتي تعليم اسلاميه هاءِ اسڪول ڀائي گيٽ، اسلاميه ڪاليج، گورنمينٽ ڪاليج ۽ ديال سنگهه ڪاليج مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پاڪستان اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وڌائين. ڪرڪيٽ جو شوق تعليم حاصل ڪرڻ واري زماني دوران ٿيس. 1943ع ۾ ارڙهن سالن جي عمر ۾ نادرن انڊيا طرفان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏڻ لڳو. هو ليفٽ آرم سلو بالر ۽ ليگ اسپنر هو. هيءُ کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪندو هو. هن کي گڏيل هندستان ۽ پوءِ پاڪستان ٻنهي ملڪن جي طرفان راند کيڏڻ جو اعزاز حاصل رهيو. 1940ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ٿيو. 1951ع ۾ ڪپتان جي حيثيت سان ايم سي سي جي مضبوط ٽيم کي شڪست ڏنائين، جنهن جي نتيجي طور پاڪستان کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو درجو مليو. 1952ع ۾ ڀارت جي پهرئين سرڪاري دوري تي هن ٽيم جي قيادت ڪئي. هن لکنوءَ جي ٻي ٽيسٽ ۾ پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري. 1952ع کان 1958ع تائين ڪل 23 ٽيسٽ ميچن ۾ هيءُ ڪپتان ٿي رهيو. جنهن دوران پاڪستاني ٽيم سڀني ملڪن کي شڪست ڏني. هن کي شاندار ڪارڪردگي جي اعتراف طور 1957ع ۾ حسن ڪارڪردگي جو صدارتي اوارڊ ڏنو ويو. 1972ع کان 1977ع تائين پاڪستان ڪرڪيٽ ڪنٽرول بورڊ جو صدر رهيو. 1972ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي پنجاب اسيمبليءَ جو رڪن منتخب ٿي وزير تعليم مقرر ٿيو. ان کان پوءِ سوئزرلينڊ ۾ پاڪستان جو سفير نامزد ٿيو.
هن هيٺيان ڪتاب تصنيف ڪيا: (1) اردو قاعده، (2) Test Status on Trail، (3) Oreen Shadows، (4) Memories of Allrounder.
هيءُ 24 اپريل 1996ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ حفيظ ڪاردارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.17  عيسوي

پـاڪـسـتان ڪـرڪيـٽ ٽـيـم جـي اڳـوڻـي ڪـپـتـان، آل رائونڊر حفيظ ڪاردار 17 جنوري 1925ع تي لاهور ۾ جنم ورتو.


1996.04.24  عيسوي

هيءُ 24 اپريل 1996ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دارا شاهه 1
غلام علي موسيقار
اسماعيل عرساڻي
چاڳلي (مائي چاڳلي)
بخشل باغي
ديوڪرن
احمد خان سهاڳ
حاجي محمد پيرازدو
راجپال بولچند وسو مل
ڀائي پرتاب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون